اڌوري تصوير- ڪتاب

اڌوري تصوير- ڪتاب

اڌوري تصوير

اڌوري تصوير (ڪتاب ): نوجوان ليکڪ شوڪت چاچڙ جو لکيل ڪتاب، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان نومبر 2008ع ۾ شايع ٿيو ۽ ”ڪُل سنڌ ٻالڪ ميلي“ جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ هاءِ اسڪول سطح جي ٻارن جي دلچسپي ۽ اصلاح تي مشتمل 9 بهترين ڪهاڻيون شامل آهن. روايتي انداز کان هٽي ڪري هنن ڪهاڻين ۾ جدت ۽ دلچسپ مڪالمن جو سٺو استعمال ڪيو ويو آهي جن ۾ دوستي، سماجي اوڻاين، تعليم، استادن ۽ بزرگن جي قدر کي پڻ موضوع بڻائي واقعن ۽ خوبصورت ڊائلاگن سان بيان ڪيو ويو آهي. 76 صفحن جي چار رنگي ٽائيٽل سان ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 75 رپيا لکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو